آمريڪا مان جولاءِ جي مهيني تائين ڪورونا وائرس جو خاتمو ٿي ويندو.

واشنگٽن:-  امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا مان جولاءِ جي مهيني تائين ڪورونا وائرس جو خاتمو ٿي ويندو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ جي دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته جولاءِ يا آگسٽ تائين ملڪ مان ڪورونا وائرس جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو.آمريڪي صدر چيو ته اسان بهترين انتظام ڪيا ۽ عوام هدايتن تي مڪمل  عمل  ڪيو ته جولاءِ يا وڌ کان وڌ آگسٽ تائين هن وائرس تي قابو ڪري سگهجي ٿو. جنهن جي لاءِ هڪ هنڌ تي 10 کان وڌيڪ ماڻهن جي هڪ  هنڌ گڏ جمع ٿيڻ تي پابندي لڳائڻ تي به غور ڪري رهيا آهيون.صدر ٽرمپ موذي وائرس جي ملڪي معيشت تي اثر انداز ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب آمريڪا ۾  بحران جو به امڪان آهي جنهن کي  منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري طور تي سخت قدم کڻڻا پوندا.ٻئي طرف وائٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالي پريشانين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شهرين کي ان جي گهرن تائين امدادي چيڪ موڪلڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪيترين ئي رياستن اندر ڪورونا وائرس پکڙجي چڪو آهي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته 104 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.