آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ هنگامي طور تي ٻن مليريا دوائن جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن :- آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ هنگامي طور تي ٻن مليريا دوائن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايف ڊي اي اختياريون جو چوڻ آهي ته ڪلوروڪوئين ۽ هائڊروڪسي ڪلوروڪين دوائون ڪورونا وائرس جي مريضن کي محدود پيماني تي ڏئي سگهجن ٿيون. ايف ڊي اي موجب شروعاتي طور تجربي ۾ ڪلوروڪئين ۽ هائڊروڪسي ڪلوروڪين ڪورونا وائرس کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون آهن. آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن موجب اهي دوائون محدود پيماني تي ڊاڪٽرن جي تجويز تي ڪورونا متاثرن کي ڏئي سگهجن ٿيون. گذريل هفتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي دوائن کي خدا طرفان تحفو قرار ڏيندي چيو هو ته اهي دوائون گيم چينجر ثابت ٿينديون.