آمدني کان وڌيڪ اثاثا: مولانا فضل الرحمان جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو ڊي جي ايف او موسيٰ خان نيب آڏو پيش

پشاور:-  نيب خيبرپختونخواهه جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي ويجهي ساٿي ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف او موسيٰ خان کي نيب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.نيب موجب مولانا فضل الرحمان جي ويجهي ساٿي ڊي جي ايف او موسيٰ خان بلوچ کي هڪ ڪارروائي دوران پشاور مان گرفتار ڪيو هيو. جوابدار کي اڄ پشاور جي نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.موسيٰ خان بلوچ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ جاري هئي. موسيٰ خان بلوچ مولانا فضل الرحمان جي ويجهن ساٿين ۾ شامل آهي ۽ جي يو آءِ جي مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر ۽ تعلقي پهاڙپور جو امير به آهي.ياد رهي ته گرفتار ٿيندڙ موسيٰ خان جو وڏو پٽ  مولانا فضل الرحمان جو پرسنل سيڪريٽري آهي. واضح رهي ته  ٻه ڏينهن اڳ نيب مولانا فضل الرحمان کي به طلبي جو نوٽيس موڪليو آهي ۽ کيس پهرين آڪٽوبر تي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي