آفريڪي ملڪ مالي ۾ فوجي بغاوت کان پوءِ صدر استعيفيٰ ڏئي پارليامينٽ کي ختم ڪري ڇڏيو

مالي:- آفريڪي ملڪ مالي ۾ مبينه فوجي بغاوت کان پوءِ صدر ابراهيم بوبڪر استعيفيٰ ڏئي پارليامينٽ کي ختم ڪري ڇڏيو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آفريڪي ملڪ مالي ۾ مبينه فوجي بعاوت جي نتيجي ۾ صدر ابراهيم بوبڪر  پارليامينٽ معطل ڪندي پاڻ به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ملڪ جي اقتدار تي فوج قابض ٿي ڇڪي آهي.سرڪاري ٽيليويزن تي مختصر خطاب ڪندي صدر ابراهيم بوبڪر جو چوڻ هو ته هو ملڪ کي خونريزي کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي عهدي تان استعيفي ۽ پارليامينٽ کي  ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. اهو خطاب هن ڪجهه ڪلاڪ اڳ گادي واري شهر هماڪو ۾ باغي فوجين طرفان سرڪاري رهائشگاهه تي نظر بند ڪرڻ کان پوءِ ڪيو.گادي واري شهر بماڪو جي اهم سرڪاري عمارتن تي فوجي اهلڪار مقرر آهن جڏهن ته روڊن تي فوجي ۽ بڪتر بند گاڏين جو گشت جاري آهي. ملڪ ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. جڏهن ته اپوزيشن پارٽين خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. صدر ابراهيم جا مخالف ويڙهاڪ مسلم پارٽين کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪامي کي فوجي بغاوت جو نتيجو قرار ڏئي رهيا آهن.