آسٽريليا ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽي ٽونٽي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچ (سڀاڻي ) کيڏي ويندي

 ايڊيلڊ :- آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي ) آچر تي ايڊيلڊ ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ پرائم منسٽر اليون سريلنڪن ٽيم کي ٽور ميچ ۾ هڪ وڪٽ تان شڪست ڏني هئي . آئي لينڊرز  ٽيم آسٽريليا خلاف ٽن ٽي ٽونٽي 20  انٽر نيشنل ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهي . آسٽريليا ۽ سريلنڪا وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽي 20 انٽر نيشنل 27 ميچ آڪٽوبر تي ايڊيلڊ ۾ کيڏي ويندي . ٻين ميچ  30 آڪٽوبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته آخري ٽين ميچ پهرين نومبر تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندي .