آسٽريليا ٽيمن بجاءِ ڪرائوڊ کي ٽي20 ورلڊ ڪپ لاءِ مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :- آسٽريليا ٽيمن جي بجاءِ ڪرائوڊ کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ وڏو مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هلندڙ سال جي آخر ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪرائڻ تي ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ فيڊرل حڪومت ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.جمعي تي ملڪي انسٽيٽيوٽ آف اسپورٽس بحالي جي حوالي سان فريم ورڪ جاري ڪري چڪو آهي. راندين واري وزير رچرڊ ڪولبيڪ ٽوئنٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پرڏيهي ٽيمن جي آسٽريليا اچڻ جي بجاءِ ڪرائوڊ کي وڏو مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو ته مان آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيسٽ سيريز ۽ ورلڊ ڪپ کي پنهنجي شيڊول تي ٿيڻ پسند ڪندس. ميگا ايونٽ جو اصل مسئلو ٻاهر کان ٽيمن جي اچڻ نه پر ڪرائوڊ آهي. هي هڪ اهڙو اشو آهي جنهن جي باري ۾ سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو. اسان سڀني کي خبر آهي ته ڀريل اسٽيڊيم ۽ خالي سيٽن جي سامهون کيڏڻ سان صورتحال مختلف آهي. اهڙي طرح اسان رانديگرن جي تعاون سان هڪ مناسب حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي ضرورت هوندي.جيڪڏهن مناسب قرنطينه ۽ بائيو سيڪيورٽي پروٽوڪول موجود هجي ته پوءِ ايونٽ پنهنجي وقت تي کيڏي سگهجي ٿو. تماشائين کي مقابلن ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان هن چيو ته ان جو مڪمل طور تي انحصار اسان جي وائرس تي قابو ڪرڻ ۽ ٽيسٽنگ صلاحيت تي آهي. اسان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه خطرو نٿا کڻي سگهون.