آسيا بي بي کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ ڊيٿ وارنٽ تي دستخط ڪرڻ جي برابرآهي.جمائما

لنڊن(پرڏيهي ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊاسمٿ چيوآهي ته هي اهونئون پاڪستان ناهي جنهن جي اسان کي اميد هئي،حڪومت جي دفاع ۾ هڪ دليراڻي تقريرجي 3 ڏينهن بعد مطالبن جي سامهون جهڪي پئي ،آسيا بي بي کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ ڊيٿ وارنٽ تي دستخط ڪرڻ جي برابرآهي،آچر ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ اسمٿ سماجي رابطن واري  ويب سائٽ ٽوئٽرتي آسيا بي بي جي بريت جي فيصلي بابت خيالن جواظهارڪندي چيو آهي ته هي اهونئون پاڪستان ناهي جنهن جي اسان کي اميد هئي،جمائما گولڊ اسمٿ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيوآهي ته عدالت جي دفاع ۾ وڏي دليراڻي تقريرڪئي وئي هئي پرتقريرجي 3 ڏينهن بعد ئي حڪومت مطالبن جي سامهون جهڪي پئي،ان چيوته هي اهونئون پاڪستان ناهي جنهن جي اسان کي اميد هئي جڏهن ته هاڻ به اميد آهي حڪومت اهڙوڪجهه سوچي رهي هوندي جيڪواسان نه ٿاڄاڻون،ان وڌيڪ چيو ته عدالت مان آزاد ٿيل آسيا بي بي کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي ۽ ان کي ملڪ کان نه وڃڻ ڏيڻ ان جي ڊيٿ وارنٽ تي دستخط ڪرڻ آهي،واضع رهي ته سپريم ڪورٽ 31 آڪٽوبرتي آسيابي بي جي موت جي سزاجي هاءِڪورٽ۽سيشن ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرارڏيندي کيس آزادي جوحڪم ڏنوهيوجڏهن ته فيصلي کانپوءِمذهبي پارٽين پاران سخت احتجاج ڪيوويو،وفاقي حڪومت۽اسلام آباد ۾ٿيل تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻن جي مظاهرين وچ۾پنج نقاطي معاهدوٿيوجنهن کانپوءِمظاهرين احتجاج ختم ڪرڻ جواعلان ڪيو.