آدمشماري ۾ سنڌ جي گهراڻن ۾ ڀاتين جو انگ گهٽ ڏيکارڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:- سنڌ صوبي اندر 2004 ۾ ٿيل سروي ۾ ظاهر ٿيل گهراڻي جي ڀاتين جي تعداد کي ٽن سالن بعد 2017 ۾ ٿيل آدمشماري ۾ سنڌ جي ضلعن اندر گهراڻن جي ڀاتين جي تعداد ۾ واڌ بجاءِ سمورن ضلعن اندر غير معمولي گهٽتائي ڏيکارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي آدمشاري ۾ گهراڻي جي ڀاتين جي تعداد ۾ پهرين نمبر تي خيرپور، ٻئي نمبر تي قمبر شهداد ڪوٽ، ٽيئن نمبر تي سکر ضلعي اندر غيرمعمولي گهٽتائي ڏيکاري وئي آهي تفصيل موجب تازو سينٽ جي پارلياماني مامرن بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران 2004 ۾ سنڌ اندر ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي ۾ سنڌ جي ضلعن اندر ظاهر ٿيل ايوريج گهراڻي جي ڀاتين جي تعداد ۽ آدمشماري جي نتيجن بابت دستاويز پيش ڪيو ويو جنهن ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته 2014ع ۾ ٿيل سروي جي ڀيٽ ۾ ٽن سالن بعد 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ سنڌ صوبي جي ضلعن ۾ ايوريج گهراڻي جي ڀاتين جي تعداد ۾ واڌ ٿيڻ بجاءِ غيرمعمولي طور تي سمورن ضلعن اندر گهٽتائي ڏيکاري وئي آھي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي خيرپور، ٻئي نمبر تي قمبر شهدادڪوٽ، ٽئين نمبر تي سکر ضلعي اندر ٿي آھي، دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته 2004 جي سروي ۾ سنڌ جي خيرپور ضلعي اندر ايوريج ھائوس هولڊ سائيز (گهراڻي ۾ ڀاتين جو تعداد) 8.6 ڀاتي ظاهر ڪيو ويو، ٽن سالن بعد 2017 ۾ ٿيل آدمشماري ۾ خيرپور ضلعي ۾ ايوريج گهراڻي جي ڀاتين جو تعداد 5.8 ڀاتي ظاهر ڪيو ويو ائين خيرپور ضلعي ۾ گهراڻي ۾ ڀاتين جي تعداد ۾ 2.8 گهٽتائي ٿئي ٿي. جڏهن ته قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي ايوريج گهراڻي جي سائيز 8.7 ظاهر ڪئي وئي هئي ان کي 2017 جي آدمشماري ۾ 6 ظاهر ڪيو ويو ضلعي ۾ في گهراڻي جي سائيز ۾ 2.7 ڀاتين جي گهٽتائي ظاهر ڪئي وئي آھي. سکر ضلعي ۾ 2004 ۾ ظاهر ٿيل ايوريج گهراڻي جي سائيز کي 2017 ۾ 5.7 ظاهر ڪيو ويو ان حساب سان سکر ضلعي ۾ ايوريج گهراڻي جي سائيز ۾ 2.6 جي گهٽتائي ٿي آھي، اهڙي ريت 2004 جي سروي جي مقابلي ۾ 2017 جي ٿيل آدمشماري ۾ دادو ضلعي اندر 1.4، ڄامشوري ضلعي ۾ 1.5 ، ڪشمور ۾ 1.2 ، حيدرآباد ۾ 1.9، جيڪب آباد ۾ 1.4 ، مٽياري ضلعي ۾ 2.1 ، ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ 2.4 ، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 1.7 ، شڪارپور ضلعي ۾ 2.2 ، گهوٽڪي ضلعي ۾ 2.4 ، شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 1.7 ، نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 2.0 ، ٽنڊو محمد خان ۾ 1.3 ، بدين ۾ 2.4 ، سجاول ۾ 2.5 ، ٺٺي ۾ 1.8 ، سانگهڙ ۾ 1.9 ، ميرپورخاص ۾ 1.1 ،عمر ڪوٽ ۾ 2.5، ٿرپارڪر ۾ 1.1 ، ڪراچي ملير ۽ ڪورنگي 1.3 ، ڪراچي سينٽرل 0.8 ، ڪراچي ويسٽ ۾ 0.9 ، ڪراچي سائوٿ ۾ 0.3 ايوريج گهراڻي جي ڀاتين ۾ گهٽتائي ٿي آھي.