آئين ۽ پارليامينٽ کي بَي اختيار ڪري زبردستي قانون منظور ڪرايو ويو: اَي پي سي

اسلام آباد : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاڪستان بار ڪائونسل جِي ميزباني ۾ ٿيل اَي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالهه آئين ۽ پارليامينٽ کي بَي اختيار ڪري زبردستي قانون منظور ڪرايو ويو. اسپيڪر ٻيهر ڳڻپ وارو مطالبو تسليم نه ڪيو ۽ نه ئي اسان کي ڳالهائڻ جِي اجازت ڏني وئي. بلاول چيو ته اسان کي نه ٻڌو ويو ته سوچڻ تي مجبور ٿينداسين ته پارليامينٽ ڪيستائين رٻڙ اسٽيمپ رهندِي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 هين ترميم ۽ 73ع وارو آئين بحال ڪرڻ تان انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي. هتان جِي رياستِ مدينه ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جِي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نئين پاڪستان ۾ هر طبقي کي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. شهبازشريف چيو ته ماضي ۾ آمرن مرضي جون ترميمون ڪري عدليه کي ڪمزور ڪيو، عدليه جِي آزادي لاءِ جيڪو ڪم سياستدانن ۽ سول سوسائٽي کي ڪرڻو هو، اهو نه ڪري سگهيا، مُنصِف جِي شڪل ۾ ڪجهه ماڻهن بنا گهرڻ جَي آمرن کي آئين ۾ ترميم جو اختيار ڏنو، ماضي تي روئڻ جو ڪو فائدو ناهي.