آئل مارڪيٽ کي سٺي قيمت بدران تيل جي مستحڪم قيمت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: سعودي عرب

رياض : سعودي عرب جي تيل واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان چيو آهي ته آئل مارڪيٽ کي تيل جي سٺي قيمت بدران ان جي مستحڪم قيمت هجڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. رياض ۾ سعودي رشيا سي اي او فورم کي خطاب ۾ هن چيو ته هن وقت تيل مارڪيٽ ۾ گهڻي اهم ڳالهه تيل جي قيمتن ۾ استحڪام آهي. ڇو ته تيل جي مربوط ۽ مستحڪم قيمت عالمي اقتصادي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري ٿي.