آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ کان اڳ وارم اپ ميچن جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو

دبئي(راند ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هلندڙ سال ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو. وارم اپ ميچون 24 مئي کان 28 مئي تائين کيڏيون وينديون.پاڪستاني ٽيم افغانستان ۽ بنگلاديش خلاف پنهنجن تيارين جي جاچ ڪندي. ڇنڇر تي ڪرڪيٽ ورلڊ گورننگ باڊي هلندڙ سال ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ کان اڳ وارم اپ ميچن جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو، وارم اپ ميچون 24 کان 28 مئي تائين کيڏيون وينديون ۽ ميگا ايونٽ ۾ شريڪ سموريون ٽيمون 2، 2 وارم اپ ميچون کيڏيون، 24 مئي تي پاڪستان جو مقابلو افغانستان سان ۽ سري لنڪا جو مقابلو ڏکڻ افريڪا سان ٿيندو، 25 مئي تي انگلينڊ ۽ آسٽريليا جون ٽيمون هڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇينديون جڏهن ته ڀارت جو مقابلو نيوزي لينڊ سان ٿيندو، 26 مئي تي پاڪستاني ٽيم بنگلاديش خلاف صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندي جڏهن ته ڏکڻ افريڪا کي ويسٽ انڊيز جو چئلينج درپيش ٿيندو. 27 مئي تي ٿيندڙ ميچن ۾ آسٽريليا جو مقابلو سري لنڪا ۽ انگلينڊ جو مقابلو افغانستان سان ٿيندو، 28 مئي تي آخري 2 وارم اپ ميچون کيڏيون وينديون جن ۾ بنگلاديش جو مقابلو ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جو مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو.